حفيظ ڪنڀر

حفيظ ڪنڀر

حفيظ ڪنڀر

حفيظ ڪنڀر: ناميارو ليکڪ حفيظ ڪنڀر، 27 جولاءِ 1964ع تي تعلقي ڪوٽ غلام محمد جي ڳوٺ حاجي عرس ڪالري ۾ ڄائو. سندس والد محمد الياس ڪنڀر پرائمري ماستر هو، جيڪو الياس ’عاڪف‘ جي نالي سان لکندو به هو. حفيظ ڪنڀر جا ڏاڏاڻا ڀارتي گجرات ۾ رهندا هئا، جتان پوءِ ٺٽي ۽ بعد ۾ ضلعي بدين ۾ اچي رهائش پذير ٿيا. سندس ناناڻا، ٿر جي شهر چيلهار ڀرسان هريار ڳوٺ ۾ رهندا هئا، جتي هندو مسلم روايتون ۽ نالا هڪجهڙا هوندا هئا.جيئن سندس ناني جو نالو حاجي فقير ته نانيءَ جو نالو لاڏ ٻائي هو، جڏهن ته سندس والده جو نالو چاڳ ٻائي عرف چاڳان هو.
حفيظ ڪنڀر، پرائمريءَ جا ٻه درجا ڳوٺ فقير جي ڍوري ۾ پڙهيو ۽ چوٿين درجي جو امتحان ڳوٺ حاجي عبدالله ڪالرو ۾ ڏنائين ته پنجون درجو ڳوٺ شاهه محمد شر ۾ پڙهيو. ان دوران قصن ڪهاڻين جا ڪتاب ۽ ’گل ڦل‘ رسالو شوق سان پڙهيو. ثانوي تعليم لاءِ کيس ڏاڏاڻي ڳوٺ جي اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جيڪو جيمس آباد شهر کان ڪجهه پرڀرو هو، اتي کيس ادبي ماحول ميسر ٿيو. ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۽ عوامي تحريڪ جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيڻ لڳو. شروعات ۾ ڪجهه شعر به لکيائين. نائين درجي ۾ (14 سالن جي عمر ۾) سندس شادي ڪرائي وئي ۽ جڏهن هن مئٽرڪ جو امتحان ڏنو ته کيس پهريون پٽ اختر ڄائو. والده جي اوچتي وفات ۽ ننڍيءَ عمر جي شاديءَ ۽ اولاد جي ذميوارين کيس وقتي طور پريشان ڪيو ۽ هي فرسٽ ايئر ۾ فيل ٿي پيو ۽ انٽر به نه ڪيائين، پر ڪجهه عرصي بعد تلهار لڳ سعيدپور ڪاليج ۾ وڃي داخل ٿيو، جتي استادن سندس همت افزائي ڪئي. انٽر ڪرڻ کان پوءِ استاد غلام محمد ٽالپر جي مشوري سان هن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ انگريزي ادب شعبي ۾ داخلا ورتائين. اتي هن ڏيهي پرڏيهي ادب، تاريخ ۽ فلسفي جو مطالعو ڪيو ۽ باقاعدي لکڻ شروع ڪيو. سندس لکڻيون ’هلال پاڪستان‘ مئگزن، ٽه ماهي ’مهراڻ‘، ماهوار ’پروڙ‘، چماهي ’سنڌي ادب‘ ۽ مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيون. يونيورسٽيءَ ۾ تقريري مقابلن، اسٽيج ٽيبلن ۽ ناٽڪن ۾ حصو ورتائين. يونيورسٽيءَ ۾ فلاسافيءَ جي پروفيسر فريد الدين شيخ ۽ تاريخ جي پروفيسر ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ سان ويجهڙائي رهيس. يونيورسٽيءَ مان ايم. اي ڪرڻ بعد 8 مهينا هاءِ اسڪول ڪورنگيءَ ۾ استاد ٿيو، ان بعد پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ٺٽي ڪاليج ۾ ليڪچرار ٿيو. 1998ع کان مسلم سائنس ڪاليج، حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي.
حفيظ ڪنڀر پي. ٽي. وي لاءِ ڊراما به لکيا، سندس پهريون ڊرامو ’مور اُڏاڻا مور‘ 1994ع ۾ نشر ٿيو. ان کان پوءِ ’هٿين گل ميندي‘ ۽ ڪجهه سولو پلي لکيائين ۽ ڊاڪيومينٽريون تيار ڪيائين. گڏوگڏ شاعري ڪندو ۽ ڪهاڻيون به لکندو رهيو. هن مختلف سنڌي اخبارن: ڪاوش، عبرت، تعمير سنڌ، الک ۽ سنڌوءَ ۾ عارضي ملازمت به ڪئي ۽ ڪيترا سلسليوار ڪالم لکيا. 2003ع ڌاري پهرئين سنڌي سيٽلائيٽ چئنل ڪي. ٽي. اين جي ابتدائي ٽيم ۾ شامل رهيو، دلچسپ پروگرام پيش ڪيائين ۽ اسڪرپٽ رائيٽر رهيو. ان بعد سنڌ ٽي. ويءَ تي ڪجهه عرصو ڪم ڪيائين. حفيظ ڪنڀر سنجيده توڙي مزاحيه اصلاحي ڊراما، ڪالم ۽ ڪهاڻيون لکيون آهن. اڄڪلهه ڪاوش ۾ مستقل ڪالم لکي رهيو آهي.


لفظ حفيظ ڪنڀرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1964.07.27  عيسوي

ناميارو ليکڪ حفيظ ڪنڀر، 27 جولاءِ 1964ع تي تعلقي ڪوٽ غلام محمد جي ڳوٺ حاجي عرس ڪالري ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاهنواز خان
ابولهب
نور محمد شيخ ڊاڪٽر
تانسو چلر
صوفي فقير عبدالله سومرو
ڏيرو رسول بخش
علي محمد ڀٽو
عبدالستار زرگر
رائچند هريجن
ديدار حسين شاهه رضوي:
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون